تشدد جو جواب تشدد سان ڏنو ويندو، فضائي حملي کانپوءِ آمريڪي نائب صدر جو ايران کي چتاءُ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران تي آمريڪا جي فضائي حملي کانپوءِ آمريڪي نائب صدر جَي ڊِي وينس جو بيان سامهون آيو آهي.
آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جو چوڻ آهي ته تشدد جو جواب تشدد سان ڏنو ويندو، جيڪڏهن ايران کي ايم او يو تي عملدرآمد جي طريقيڪار بابت اختلاف آهي ته هو سڌو سنئون رابطو ڪري سگهي ٿو.
واضح رهي ته آمريڪا ايران تي فضائي حملا ڪيا آهن.
آمريڪي سينٽ ڪام موجب، 25 جون تي ايران هڪ ڪمرشل جهاز تي ڊرون سان حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ آمريڪي جهازن ايران جي ميزائل ۽ ڊرون اسٽوريج وارن جاين ۽ سامونڊي ريڊار سائيٽن کي نشانو بڻايو.

 

You might also like