راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعن خاران ۽ مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز 25 ۽ 26 جون تي فتنه الهندستان جي خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز خاران ۾ دهشتگردن جي هڪ گروهه جي چرپر جو پتو لڳايو، فورسز جي وقتائتي ۽ اثرائتي ڪارروائي ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان جا 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
ان کان سواءِ 26 جون تي مستونگ ۾ امڪاني آپگهاتي بمبار جي موجودگيءَ جي اطلاع تي وقت کان اڳ انٽيليجنس آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ فورسز دهشتگردن جي ٿاڪ کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر موجب، سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 5 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ هڪ آپگهاتي بمبار به شامل هو.