اسرائيل کي لبنان جي سڀني علائقن مان نڪرڻو پوندو، نه نڪتو ته کيس ڀڄڻو پوندو: ايران

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پاسدارانِ انقلاب جي قدس فورس جي سربراهه اسماعيل قاني اسرائيل کي سخت خبردار ڪندي چيو آهي ته لبناني سرزمين استقامت ۽ مزاحمت جو ميدان آهي.

هن چيو ته اسرائيل کي لبنان جي سڀني علائقن مان نڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اسرائيل پنهنجي مرضي سان نه نڪتو ته ذلت ۽ شڪست جو منهن ڏسي ڀڄڻ تي مجبور ٿيندو.

You might also like