تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف آمريڪي دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو چوڻ بي بنياد آهي ته ايران پنهنجي غير منجمد اثاثن مان آمريڪي زرعي شيون خريد ڪندو.
باقر قاليباف چيو ته ايران رڳو اهو فصل لڻي رهيو آهي جيڪو آمريڪا پاڻ پوکيو هو، اهو فصل ڏهاڪن تي ٻڌل بي اعتمادي جو آهي.
آمريڪا ظاهري طور رڳو سويابين (رانها)، وعدا خلافي ۽ تلخ بيان ئي برآمد ڪندو آهي.