آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات دوران يورپي ملڪن تي سخت ناراضگي ظاهر ڪندي چيو ته نيٽو ايران خلاف جنگ ۾ مدد نه ڪري کين مايوس ڪيو.
نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي ٽرمپ کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته ايران خلاف جنگ دوران آمريڪا کي فوجي اڏن ذريعي لڳاتار سهڪار فراهم ڪيو ويو.
هن ٽرمپ جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته ايران خلاف جنگ ۾ يورپي اتحادي آمريڪا سان گڏ هئا. آپريشن ايپڪ فيوري دوران اٽلي مان 500 آمريڪي جنگي جهازن اڏام ڀري، جڏهن ته رومانيا آمريڪي فوج کي هوائي اڏي تي سهولتون فراهم ڪيون.
سندس چوڻ هو ته آبناءِ هرمز ۾ بارودي سرنگهن جي صفائي لاءِ يورپي ملڪ اڳواٽ ئي پنهنجا جنگي وسيلا مقرر ڪري رهيا آهن.