تهران(ويب ڊيسڪ)ايران آمريڪا کي جنگ ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي نيٽو ملڪن کان وضاحت طلب ڪئي آهي
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته نيٽو سيڪريٽري جنرل جو بيان ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته نيٽو گڏيل قومن جي هڪ خودمختيار ميمبر ملڪ خلاف غيرقانوني جنگ ۾ حصو ورتو.
نيٽو جي سيڪريٽري جنرل واضح طور اٽلي ۽ رومانيا جا نالا ورتا آهن، جن نيٽو ملڪن ان جنگ ۾ حصو ورتو، انهن کي ان جو جوابده قرار ڏنو وڃي. انهن ملڪن کي عالمي برادري ۽ پنهنجي قوم آڏو وضاحت پيش ڪرڻ گهرجي.