لڳي ٿو ايراني شاگردن تي حملي جي ذميوارن جي خبر ڪڏهن نه پوندي: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جي ڇوڪرين جي اسڪول تي ٿيل خوفناڪ حملي جو ذميوار ڪير هو، ان جي شايد ڪڏهن به مڪمل خبر نه پئجي سگهي، ڇاڪاڻ ته ان وقت سڄي علائقي ۾ ميزائلن جي ڏي وٺ جاري هئي ۽ صورتحال انتهائي ڏکي هئي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب صدر ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي نٿو لڳي ته مان ڪڏهن به مڪمل طور ڄاڻي ڪري سگهندس ته ان حملي جو ذميوار ڪير هو، ڇو ته هر پاسي ميزائل فائر ٿي رهيا هئا، جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو انتهائي افسوسناڪ هو.

هن چيو ته ڪجهه ماڻهن دعويٰ ڪئي ته اهو اسان جو ميزائل هو، پر ممڪن آهي ته ائين نه هجي. مون هينئر تائين اهڙو ڪو ثبوت ناهي ڏٺو، جيڪو مون کي يقين ڏياري ته اهو حملو اسان جي طرفان ڪيو ويو هو، منهنجي خيال ۾ اسان ان جا ذميوار نه هئاسين.

واضح رهي ته هي حملو 28 فيبروري تي ڏکڻ ايران جي شهر مناب ۾ هڪ ڇوڪرين جي اسڪول تي ٿيو هو، جيڪو ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائيلي ڪارروائين جي پهرين ڏينهن پيش آيو هو.

ايراني اختيارين موجب حملي ۾ 175 کان وڌيڪ شاگردياڻيون ۽ ماسترياڻيون شهيد ٿي ويون هيون.

You might also like