پاڪستان جو نالو دنيا ۾ گونجي ٿو، الله تعاليٰ اسانکان اهم ڪم ورتو آهي: اسحاق ڊار

لاهور(ويب ڊيسڪ)نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي جنگ دوران الله تعاليٰ پاڪستان کان اهم ڪم ورتو، ۽ اڄ سڄي دنيا پاڪستان کي امن قائم ڪندڙ ملڪ طور سڃاڻي ٿي.

لاهور ۾ داتا گنج بخش جي مزار کي غسل ڏيڻ واري تقريب دوران ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي جنگ ۾ الله تعاليٰ پاڪستان کان ڪم ورتو. هي ڪاميابي وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حاصل ٿي، جڏهن ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير امن جي قيام لاءِ بي انتها ڪوششون ڪيون.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو نالو اڄ سڄي دنيا ۾ گونجي رهيو آهي، ۽ دنيا پاڪستان کي امن جو علمبردار ملڪ سمجهي ٿي.

You might also like