ڪاراڪاس(ويب ڊيسڪ)وينزويلا ۾ آيل ٻن طاقتور زلزلن وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن سبب 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪئي وئي آهي.
هڪ ٻئي پٺيان آيل ٻن شديد زلزلن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 167 ڄڻا فوت ۽ 900 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
گادي واري شهر ڪاراڪاس ۽ سامونڊي شهر لا گوئيرا ۾ وڏي پيماني تي تباهي جون خبرون مليون آهن، جنهن کانپوءِ حڪومت ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
بچاءَ واريون ٽيمون ڪاراڪاس ۾ ملبي هيٺان ڦاٿل ماڻهن جي ڳولا ۾ مصروف آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تان مدد لاءِ رڙين ۽ سڏن جون آوازون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن.
سامونڊي شهر لا گوئيرا ۾ به عمارتن ۽ بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو آهي.
وينزويلا جي قائم مقام صدر Delcy Rodríguez زلزلن سبب 167 فوتگين جي تصديق ڪئي آهي.
هن ٻڌايو ته 971 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڪاراڪاس ۽ لا گوئيرا ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي سخت نقصان پهتو آهي. مائيڪيتيا ۾ واقع مرڪزي هوائي اڏو به سخت متاثر ٿيڻ سبب بند ڪيو ويو آهي.
زلزلن جا جهٽڪا پاڙيسري ملڪن ڪولمبيا ۽ برازيل جي ڪجهه علائقن ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا. ڪجهه سيڪنڊن جي وقفي سان پهرين 7.1 ۽ پوءِ 7.5 شدت جا زلزلا رڪارڊ ڪيا ويا، جڏهن ته United States Geological Survey 10 هزار کان وڌيڪ فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
قائم مقام صدر ڊيلسي روڊريگيز موجب 7.2 ۽ 7.5 شدت وارن زلزلن کانپوءِ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آفٽر شاڪس جي خوف سبب ڪاراڪاس جا رهواسي گهرن بدران روڊن ۽ کليل هنڌن تي موجود آهن.