اهو قبول نه ڪنداسين ته آبناءِ هرمز هڪ ملڪ جي ملڪيت هجي: مارڪو روبيو

بحرين ۾ خليجي سهڪار ڪائونسل جي پرڏيهي وزيرن سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته ٽيڪنيڪل ٽيمون 30 جون تي ٻيهر سوئٽزرلينڊ وينديون، جتي ايران سان جوهري پروگرام ۽ پابندين بابت ڳالهيون ٿينديون.

هن چيو ته اسان اهڙو پائيدار امن چاهيون ٿا جيڪو حقيقي هجي ۽ اسان يا اسان جي اتحادي ملڪن جي سلامتي ۽ خوشحالي کي نقصان نه پهچائي.

مارڪو روبيو چيو ته ايران سان ڪنهن به معاهدي ۾ اسان جي اتحادي ملڪن جي مفادن جو خيال رکيو ويندو. آمريڪا ايران سان معاهدو ڪامياب بڻائڻ چاهي ٿو ۽ ان لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو. اسان اهو هرگز قبول نه ڪنداسين ته آبناءِ هرمز ڪنهن هڪ ملڪ جي ملڪيت هجي.

You might also like