واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران معاهدي جي نتيجي ۾ تمام وڏيون رعايتون ڏئي رهيو آهي ۽ آمريڪا ڪاميابي حاصل ڪري رهيو آهي.
نيٽو سربراهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته نيٽو ايران خلاف جنگ ۾ اسان کي مايوس ڪيو، يورپ به اسان جو ساٿ نه ڏنو، ايران واري معاملي تي مان برطانيا، فرانس، جرمني، اسپين ۽ اٽلي کان مايوس آهيان.
صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه دوران هن بنا وضاحت جي چيو ته حالتون تمام سٺي نموني هلي رهيون آهن ۽ اسان ايران خلاف جنگ کٽي رهيا آهيون.
ٽرمپ اهو به چيو ته جيڪڏهن ايران پاران آبناءِ هرمز مان ٽول ٽيڪس نه وٺڻ بابت خبرون ڪوڙيون آهن ته پوءِ ڳالهيون فوري طور ختم سمجهيون وڃن.
هن ايران جا منجمد اثاثا جاري ڪرڻ جي ڳالهه به رد ڪندي چيو ته ايران آمريڪي هارين کان خوراڪ خريد ڪري ۽ ان جي ادائيگي منجمد اثاثن مان ڪري.