تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته مفاهمتي يادداشت بابت آمريڪا جا متضاد بيان سامهون اچي رهيا آهن.
هن چيو ته اهڙا بيان ايراني عوام جي بي اعتمادي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت نه ٿيندا. آمريڪا کي مفاهمتي يادداشت جي واضح متن جي ابتڙ تشريحون ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجون ذميواريون ۽ واعدا پورا ڪرڻ گهرجن.