تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته ايران سان رابطي کان سواءِ آبناءِ هرمز لاءِ ڪنهن به نئين سامونڊي رستي جو اعلان ناقابل قبول ۽ انتهائي خطرناڪ آهي.
پاسدارانِ انقلاب موجب آبناءِ هرمز مان محفوظ گذر فقط انهن مخصوص رستن ذريعي ممڪن آهي جيڪي ايران طرفان باقاعدي مقرر ڪيا ويا آهن.
هنن خبردار ڪيو آهي ته آبناءِ هرمز مان گذرڻ لاءِ پاسدارانِ انقلاب جي بحريه سان رابطي ۽ هم آهنگي لازمي آهي، جڏهن ته هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ جهازن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.