ايران-آمريڪا معاهدو آمريڪا جي شڪست جو اعلان آهي: باقر قاليباف

تھران(ع آ نيوز)ايراني ڳالھيون ڪندڙ وفد جي چيف محمد باقر قاليباف چيو آهي ته ايران-آمريڪا معاهدو آمريڪا جي شڪست جو اعلان آهي. آذربائيجان ۾ او آءِ سي پارلياماني يونين اجلاس کي خطاب ڪندي محمد باقر قاليباف چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت دٻاءُ ۽ جبر جو نتيجو ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ايراني قوم جي مزاحمت، استقامت ۽ طاقت جو اظهار آهي، ۽ هي يادداشت آمريڪا جي شڪست جو اعلان بڻجي وئي آهي. باقر قاليباف چيو ته خطي جا ملڪ علائقائي سلامتي پاڻ يقيني بڻائين ۽ ٻاهرين مداخلت کي رد ڪن.هن اهو به چيو ته هو خطي جي ملڪن سان خودمختياري جي احترام جي بنياد تي تعاون لاءِ تيار آهن.

 

You might also like