ڏکڻ اولهه برطانوي ملڪ ويلز ۾ 14 ورهين جي ڇوڪري ليلا جي قتل جي شڪ ۾ سندس 14 ورهين جي دوست کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
عالمي ميڊيا رپورٽن موجب پوليس ٻڌايو آهي ته ڇوڪريءَ جو لاش سومر جي رات بلائنا علائقي جي ڊفرين پارڪ مان ملي، ۽ ان کي ان کان اڳ گم ٿيل قرار ڏنو ويو هو.
ٻڌايو ويو آهي ته ليلا کي آخري ڀيرو ڇنڇر جي شام شهر جي مرڪزي روڊ تي هڪ ڊگهي ڪاري لباس ۾ ڏٺو ويو هو، جڏهن ته سندس لاش سندس رهائش کان لڳ ڀڳ 18 ميل پري علائقي مان مليو آهي.
پوليس موجب ليلا جي قتل جي شڪ ۾ سندس هم عمر هڪ شڪي ڇوڪري کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ليلا ۽ ان نوجوان ڇوڪري جي وچ ۾ لاڳاپي يا جهيڙي سبب هي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي.