هيرن جي منڊي ۽ ڪڙا، نيتا امباني جي هڪ سال جي محنت سان ٺهيل ساڙهي ڌيان جو مرڪز

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي مشهور واپاري مڪيش امباني جي زال ۽ سماجي شخصيت نيتا امباني پنهنجي منفرد ۽ شاندار فيشن سينس سبب اڪثر ڌيان جو مرڪز بڻيل رهندي آهي. هن ڀيري به هن پنهنجي دلڪش ۽ ناياب ساڙهي ذريعي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي.

62 ورهين جي نيتا امباني تازو تقريب ۾ هلڪي ڄَمو رنگي (موو) جي نازڪ شيفون ساڙهي پاتي، جنهن کي مڪمل ڪرڻ ۾ هڪ سال لڳو. هي هٿ سان ڪڙهائي ٿيل هنر واري ساڙهي سندس قائم ڪيل اداري جي تخليق آهي، جنهن جو مقصد ڀارتي روايتي دستڪاري ۽ ٽيڪسٽائل ورثي جو تحفظ ۽ فروغ آهي.

رپورٽن موجب لکنئو سان تعلق رکندڙ ماهر ڪاريگر انجني ڪشيپ هڪ سال جي لڳاتار محنت کانپوءِ هن ساڙهي تي نفيس ۽ منجهيل چڪن ڪاري مڪمل ڪئي.

ساڙهي ۾ جالي، مُرّي، گھاس پٽي ۽ بالدا ورڪ جهڙيون روايتي ۽ نفيس ڪڙهائي جون ٽيڪنيڪس استعمال ڪيون ويون، جيڪي لکنئو جي چڪن ڪاري جي سڃاڻپ سمجهيون وڃن ٿيون.

نيتا امباني جي ساڙهي سان گڏ پاتل بليوز مشهور ڀارتي فيشن ڊيزائنر منيش ملهوترا تيار ڪيو، جنهن ۾ پليٽس ۽ رفلس شامل هئا.

پنهنجي انداز کي وڌيڪ دلڪش بڻائڻ لاءِ نيتا امباني هيرن جي ڊراپ اير رنگز، ڊائمنڊ ڪڙو، نمايان انگوزي ۽ هڪ خوبصورت واچ جي چونڊ ڪئي ، جنهن سندس شخصيت کي وڌيڪ نکاريو.

You might also like