لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور ٽي وي ميزبان ۽ اداڪارا ناديا خان ڀارتي اداڪارائن ايشوريا راءِ ۽ ڪترينا ڪيف جي مبينا ڪاسميٽڪ پروسيجرز تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته انهن عملن سندن فطري خوبصورتي کي متاثر ڪيو آهي.
ناديا خان تازو پنهنجي مارننگ شو دوران ڪاسميٽڪ پروسيجرز جي ممڪن اثرن بابت ڳالهائيندي چيو ته اهڙا عمل ڪرائڻ کان اڳ ماڻهن جي ذهن ۾ هڪ خوف هوندو آهي ته ڪٿي سندن چهرو به ايشوريا راءِ ۽ ڪترينا ڪيف وانگر متاثر نه ٿي وڃي.
هن چيو ته اهي ٻئي دنيا جي خوبصورت ترين عورتن ۾ شمار ٿين ٿيون، پر مبينا طور انهن پروسيجرز کان پوءِ سندن چهري جي قدرتي خوبصورتي متاثر ٿي آهي. جيڪڏهن انهن سان ائين ٿي سگهي ٿو ته عام ماڻهن سان ڇا ٿيندو؟
اداڪارا موجب ڪڏهن ڪڏهن ڪاسميٽڪ علاج کان پوءِ چهرو ٻيهر پنهنجي اڳوڻي حالت ۾ واپس نٿو اچي.
ناديا خان سوال ڪندي چيو ته هن حالت کي ڇا چئبو آهي؟ ڇا ان کي “پلو فيس” (Pillow Face) چيو ويندو آهي؟ آخر انهن جي چهري کي ڇا ٿيو؟
ان موقعي تي پروگرام ۾ موجود خوبصورتي جي ماهر وضاحت ڪئي ته چهري جي هر حصي ۾ فلرز (Fillers) جو استعمال ضروري ناهي.
ماهر چيو ته جيڪڏهن چهري جي مختلف حصن ۾ ضرورت کان وڌيڪ فلرز شامل ڪيا وڃن ته ان سان چهري جا خد و خال متاثر ٿي سگهن ٿا ۽ چهرو غير فطري طور تي وڏو نظر اچڻ لڳي ٿو. چهري جي لچڪ يا سوجن کي صرف فلرز ذريعي مڪمل طور درست نٿو ڪري سگهجي.
ماهرِ جماليات وڌيڪ چيو ته ڪڏهن ڪڏهن فلرز جي وڌيڪ استعمال سبب چهري جي بناوت ۾ نمايان تبديلي اچي سگهي ٿي.