ٿيليسيميا ۾ مبتلا ٻارڙي هڪ ڏينهن لاءِ ڊي سي بڻجي وئي

ٿليسميا جي 18 ورهين جي مريض نياڻي منيبا مقصود هڪ ڏينهن لاءِ اٽڪ جي ڊپٽي ڪمشنر بڻجي وئي.

ڊپٽي ڪمشنر اٽڪ رائو عاطف رضا سومر تي منيبه مقصود کي پنهنجي آفيس ۾ هڪ ڏينهن لاءِ اعزازي طور ڊپٽي ڪمشنر طور ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني.

منيبه مقصود پنهنجي والدين سان گڏ جڏهن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ پهتي ته هوءَ حوصلي ۽ همت جي علامت طور نظر آئي. کيس سرڪاري ڪرسي تي ويهاري انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي.

منيبه مقصود چيو ته اڄ جو ڏينهن منهنجي لاءِ رڳو هڪ ڏينهن نه آهي، پر اهو هڪ خواب آهي جيڪو مون ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو. مان بيماري سان گڏ زندگي گذاري رهي آهيان، پر مان وڏا خواب به ڏسان ٿي.

هن چيو ته هن ڪرسي تي ويهي مون کي اهو يقين ٿيو آهي ته زندگي اڃا به خوبصورت ٿي سگهي ٿي، ۽ جيڪڏهن اميد جيئري رکي وڃي ته ڪو به خواب پري ناهي.

منيبه مقصود وڌيڪ چيو ته مان مضبوط ٿيڻ چاهيان ٿي، پنهنجي بيماري جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ چاهيان ٿي، ۽ ٻين اهڙن ٻارن کي به ڏيکارڻ چاهيان ٿي ته اسان ڪمزور ناهيون.

You might also like