پنهنجون پراڻيون فلمون ڏسي دل چوندي آ پاڻ کي چمبا هڻا: اڪشي ڪمار

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار اڪشي ڪمار پنهنجي فلمي ڪيريئر بابت کلي ڳالهائيندي چيو آهي ته هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن لڳاتار ايڪشن فلمون ڪرڻ تي مون کي پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي، جنهن کان پوءِ مون پنهنجي شڪل ۽ انداز تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

هڪ انٽرويو ۾ اڪشي ڪمار ٻڌايو ته 35 سالن تائين فلمي دنيا ۾ ڪاميابي سان ڪم ڪرڻ هڪ غير معمولي ڳالهه آهي ۽ اميد آهي ته منهنجو سفر 40 سالن کان به اڳتي جاري رهندو.

هن چيو ته 35 سال تمام ڊگهو عرصو آهي، هڪ ارب يا هڪ ملين ماڻهن مان رڳو هڪ شخص کي ئي اهڙو ڊگهو ڪيريئر ملي ٿو. منهنجي دعا آهي ته مان زندگي جي آخري گهڙين تائين ڪم ڪندو رهان. جڏهن مان فلم انڊسٽري ۾ آيس ته منهنجو مقصد رڳو پئسا ڪمائڻ هو.

اڪشي ڪمار ٻڌايو ته پنهنجي ڪيريئر جي پهرين 10 سالن ۾ هو گهڻو ڪري ايڪشن فلمن ۾ نظر آيو، پر پوءِ جڏهن هن پنهنجون فلمون ڏٺيون ته محسوس ٿيو ته هو رڳو هڪ ئي قسم جي ڪردارن تائين محدود ٿي ويو آهي.

اداڪار موجب هڪ ڏهاڪي کانپوءِ جڏهن مون پنهنجون فلمون ڏٺيون ته دل چاهيو ته پاڻ کي چماٽ هڻان، ڇو ته مون رڳو ايڪشن ڪردار ڪيا هئا ۽ ڪنهن کي يقين نه هو ته مان ڪجهه ٻيو به ڪري سگهان ٿو. ان وقت مون کي احساس ٿيو ته مون کي پاڻ کي بدلائڻو پوندو ۽ مختلف ڪردار ڪرڻا پوندا.

هن ٻڌايو ته انهي سوچ کانپوءِ مون ڪاميڊي، رومانس، ڊراما ۽ هارر ڪاميڊي جهڙين مختلف فلمن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

You might also like