ڪراچي(ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ ڏاڙهي ننڍي هجڻ سبب لڳ ڀڳ 20 امدادي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
عالمي ميڊيا رپورٽ موجب ڇنڇر جي ڏينهن گرفتار ڪيل اهي ماڻهو ايران-افغانستان سرحد تي اسلام قلعه بارڊر ڪراسنگ جي ويجهو ڪم ڪري رهيا هئا ۽ اهي انهن تنظيمن سان لاڳاپيل هئا جيڪي گڏيل قومن سان تعاون ڪن ٿيون.
رپورٽ ۾ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مائيگريشن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته طالبان پوليس گڏيل قومن جي شريڪ ادارن جي مقامي عملي کي ڏاڙهي ننڍي رکڻ يا ڏاڙهي نه رکڻ جي ڪري اسلام قلعه ريسيپشن سينٽر تي گرفتار ڪيو.
رپورٽ موجب ڪجهه امدادي ڪارڪنن کي ساڳئي ڏينهن آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته باقي ماڻهن کي ايندڙ ڏينهن ڇڏايو ويو.
رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته طالبان جي وزارتِ امر بالمعروف و نهي عن المنڪر هن واقعي تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي.