حج 2027 جي آن لائين رجسٽريشن، 2 ڏينهن ۾ 51 هزار اميدوار رجسٽر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان ٻڌايو آهي ته پهرين ٻن ڏينهن ۾ رجسٽرڊ عازمين جو انگ 51 هزار کان وڌي ويو آهي.

ترجمان موجب آن لائن پورٽل ذريعي 46 هزار ماڻهن گهر ويٺي رجسٽريشن ڪرائي، جڏهن ته پاڪ حج موبائل ايپ ذريعي 5 هزار ماڻهن گهر ويٺي رجسٽريشن ڪئي.

هن ٻڌايو ته 41 هزار ماڻهن سرڪاري اسڪيم ۽ 10 هزار ماڻهن پرائيويٽ حج جو انتخاب ڪيو آهي.

ترجمان موجب پنجاب مان 24 هزار، سنڌ مان 16 هزار، خيبر پختونخواهه مان 7 هزار، اسلام آباد مان 3 هزار ماڻهن رجسٽريشن ڪرائي، جڏهن ته بلوچستان مان 800، ڪشمير مان 260 ۽ گلگت بلتستان مان 77 عازمين رجسٽرڊ ٿيا.

ترجمان موجب رجسٽرڊ اميدوارن ۾ 30 هزار مرد ۽ 21 هزار عورتون شامل آهن، جڏهن ته عمر جي لحاظ سان 30 کان 48 سال وارا ماڻهو وڌيڪ تعداد ۾ شامل آهن.

مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته نئشنل آءِ ٽي بورڊ جي مدد سان حج آپريشن مڪمل طور تي پيپر ليس ۽ اينڊ ٽو اينڊ ڊجيٽل ڪيو ويو آهي.

هن اهو به ٻڌايو ته حج 2027ع لاءِ لازمي رجسٽريشن مهم بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي، جڏهن ته خرچن ۽ ٻين تفصيلن جو اعلان ٻئي مرحلي ۾ ڪيو ويندو.

You might also like