ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد پاران ٽن ڏينهن واري هڙتال ختم

ڪراچي (رپورٽر)بايو ميٽرڪ مرحلي بابت ٽرانسپورٽرن جو ٻن مهينن جي مهلت وارو مطالبو منظور، اڄ کان پبلڪ ٽرانسپورٽ معمول موجب هلندي، ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد ٽن ڏينهن کان جاري هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن بعد اڄ کان پبلڪ ٽرانسپورٽ معمول  موجب شهر جي روڊن تي هلندي، ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ مسئلن جي حل لاءِ ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد ۽ ڪمشنر ڪراچي وچ ۾ اهم اجلاس ٿيو، جيڪو ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو، ذريعن موجب اجلاس دوران گاڏين جي منتقلي وقت بايو ميٽرڪ مرحلي بابت ٽرانسپورٽرن جو ٻن مهينن جي مهلت وارو مطالبو قبول ڪيو ويو، جڏهن ته ٿرڊ پارٽي انشورنس جي مد ۾ 12 هزار رپيا ادائيگي واري معاملي جي حل جي به خاطري ڪرائي وئي، اجلاس دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ 15 ڏينهن کان پوءِ ٻيهر ملاقات ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ذريعن موجب ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جلد پنهنجي نمائنده تنظيمن سان مشاورتي اجلاس گهرائيندو، جنهن ۾ حڪومتي خاطري ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو.

 

You might also like