اسلام آباد(بيورو)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته جناب اسپيڪر! اسان جي پارليامينٽ لاجز کي ويگو گاڏين کان بچايو. اتي عورت ميمبر به هونديون آهن، مرد ميمبر به هوندا آهن، اسان جا پارليامينٽ جا ميمبر، انهن جا مهمان ۽ سندن خاندان به اتي سير ڪندا آهن.پر سائي نمبر پليٽ وارين ويگو گاڏين جو اتي اهڙو اچ وڃ هوندو آهي، ڄڻ ڪا باهه لڳي وئي هجي ۽ اهي اها باهه وسائڻ وڃي رهيا هجن،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته اها تمام وڏي بدتميزي آهي. ويگو گاڏيون پاڻ ۾ ئي هڪ وڏي بدتميزي بڻجي ويون آهن. منهنجي خيال ۾ ته ان کان به وڏي بدتميزي اها آهي، تنهن ڪري انهن تي پابندي لڳڻ گهرجي.هن چيو ته جيڪو به ويگو گاڏيءَ جي اسٽيرنگ تي ويهي ٿو، لڳي ٿو سندس دماغ کي ڪجهه ٿي وڃي ٿو. پويان وري گن مين به ويٺو هوندو آهي.ٻي ڳالهه اها آهي ته اسان جي وزيرن کي به ٻڌايو وڃي ته شام کان پوءِ سرڪاري جهنڊي واري گاڏي استعمال نه ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه به کين ٻڌائڻ گهرجي. جڏهن اوهان هتي ايترا آداب ۽ ضابطا ٻڌائي رهيا آهيو ته اها ڳالهه به ٻڌايو. ۽ جڏهن وزير گاڏيءَ جي وچ واري سيٽ تي ويٺو هجي ته پوءِ گاڏيءَ تي جهنڊو لڳائڻ به مناسب ناهي،هن چيو ته ڪو نه ڪو اصول ۽ ضابطو هجڻ گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ اهي ويگو گاڏيون پارليامينٽ لاجز جي اندر داخل نه ٿين. هن چيو ته هڪ ڳالهه هميشه ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن اسين اقتدار ۾ هوندا آهيون ته پوليس اسان جي اڳيان هوندي آهي، ۽ جڏهن اقتدار ختم ٿي ويندو آهي ته پوءِ پوليس اسان جي پٺيان هوندي آهي. بس اهو ئي فرق هوندو آهي، جنهن جو مان ذڪر ڪري رهيو آهيان.اهي ڳالهيون غور سان ڏسڻ گهرجن،هن چيو ته هتي ويٺل ٽي سئو يا چار سئو ماڻهو پاڪستان جا سڀ کان وڌيڪ بااختيار ۽ خوش نصيب ماڻهو آهن.انهن جون عادتون ۽ رويا ماڻهو غور سان ڏسندا آهن، پوءِ انهن جي نقل به ڪندا آهن، يا وري انهن تي تنقيد ڪندا آهن.تنهن ڪري اسان کي پنهنجو رويو ۽ اخلاق بهترين رکڻ گهرجي.۽ خدا جي واسطي، انهن ويگو گاڏين تي پابندي لڳايو. رستن تي به انهن تي پابندي لڳايو.هن چيو ته مان بلڪل سنجيدگيءَ سان اها ڳالهه ڪري رهيو آهيان.مان جيڪڏهن هن بدتميزي لاءِ سڀ کان مناسب لفظ استعمال ڪرڻ چاهيان ته اهي ويگو گاڏيون ئي آهن.