ملڪ ۾ شديد برساتن جو خطرو: اين ڊي ايم اي طرفان الرٽ جاري

اسلام آباد (بيورو) اين ڊي ايم اي جي نيشل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ ڏينهن دوران شديد موسمي صورتحال بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، الرٽ موجب ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي گهڻن علائقن ۾ تيز هوائون، طوفاني برساتن ۽ کنوڻ سان گڏ برساتن جو امڪان آهي، پنجاب، اسلام آباد ۽ ٻين وڏن شهرن جهڙوڪ راولپنڊي، لاهور، فيصل آباد، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، ملتان ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، پوٺوهار ريجن ۾ شديد برساتن سبب شهري  ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي جبلن وارن علائقن ۾ گليشيئر ڍنڍن جي ڦاٽڻ جو خدشو به آهي، الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته هنزہ، نگر، غذر، سکردو، استور ۽ ديامر سميت ڪيترن ئي اترين علائقن ۾ فليش فلڊ ٿي سگهن ٿا،بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪجهه علائقن جهڙوڪ تربت، خضدار، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ڪراچي ۾ به تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، اداري خبردار ڪيو آهي ته تيزي سان پگھلندڙ برفاني گليشيئرز سبب ندي نالن ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌي سگهي ٿو، جنهن سان لينڊ سلائيڊنگ ۽ انفراسٽرڪچر کي نقصان جو خطرو آهي، شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ، ندي نالن کان پري رهڻ ۽ احتياطي قدم اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

You might also like