شهرين کي پاسپورٽ جاري ڪرڻ بابت حڪومت جو اهم فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو طريقيڪار مڪمل طور تي اي-پاسپورٽ تي منتقل ڪرڻ ۽ گهر ويٺي پهچائڻ (هوم ڊليوري) جي سهولت شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ پاسپورٽ اينڊ اميگريشن هيڊ ڪوارٽرز ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي طريقيڪار کي مڪمل طور تي اي-پاسپورٽ تي منتقل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ اندر ۽ ٻاهر پاسپورٽ جي هوم ڊليوري لاءِ شروعاتي ڪم مڪمل آهي. شهرين کي پاسپورٽ سندن گهر تائين پهچائڻ جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته پريميئم سروسز لاءِ پاسپورٽ تي ٿيندڙ خرچن موجب في ادا ڪرڻي پوندي.
اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پهرين جولاءِ کان پاسپورٽ آفيسن ۾ ڪيش-ليس سسٽم لاڳو ڪيو ويندو ۽ آن لائين پاسپورٽ جون درخواستون ”پاڪ آءِ ڊي” پليٽ فارم تي منتقل ڪيون وينديون.
ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اي-پاسپورٽ تي مڪمل منتقلي سان فراڊ ۽ جعلسازي جو خاتمو ٿيندو.
هن هدايت ڪئي ته بزنس پاسپورٽ واري پاليسي کي ايف بي آر جي صلاح مشوري سان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي.

 

You might also like