رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي انساني وسيلن واري وزارت ڪاروبار ڪندڙن لاءِ ويزا جا نوان ضابطا جاري ڪري ڇڏيا آهن.
نئين پاليسي موجب، ٻن سالن کان گهٽ پراڻا ڪاروباري ادارا هاڻي وڌ ۾ وڌ 5 ويزائون حاصل ڪري سگهندا، جڏهن ته ٻن سالن کان وڌيڪ پراڻا ادارا 50 تائين ويزائون حاصل ڪري سگهن ٿا.
نوان ادارا جيڪي ”اسٽيبلشمينٽ پروگرام“ ۾ شامل ٿيندا، انهن کي شروعاتي طور ٻه ويزائون ملنديون، ان کانپوءِ سعودائيزيشن (مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ) جي شرح وڌڻ تي ويزا جو ڪوٽا وڌائي ويندي.
غير سعودي ڪارڪنن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ هيٺين شرطن جو پورائو ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي:
ڪاروباري ادارن کي فعال هئڻ گهرجي.
سمورن ملازمن جا ورڪ پرمٽ ۽ ڪاروبار جي ڪمرشل رجسٽريشن درست هئڻ گهرجي.
اُجرت جي تحفظ واري قانون تي عمل ڪرڻ لازمي آهي.
گهرو کاتي جي سسٽم (ابشر يا مقيم) ۾ ڪافي بيلنس هئڻ گهرجي.
10 کان وڌيڪ ملازم رکندڙ ادارن لاءِ سالياني خود تشخيص ضروري آهي.
آجر جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 18 سال هجڻ گهرجي ۽ ويزا موجب ڪوٽا موجود هجي.
پليٽ فارم ٽن قسمن جون ويزائون فراهم ڪندو:
مستقل ورڪ ويزا: ڊگهي مدي واري معاهدن لاءِ.
عارضي ويزا: ٽن مهينن يا ان کان گهٽ عرصي لاءِ.
حج ۽ عمري جي ويزا: جيڪي حج يا عمري جي سيزن دوران خاص منظوري سان جاري ڪيا ويندا.