ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽرن جي هڙتال سبب ٻئي ڏينهن به پبلڪ ٽرانسپورٽ بند رهي، جنهن ڪري هزارين شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو.
بسون بند هجڻ ڪري ملازمن، شاگردن ۽ پورهيتن کي پنهنجي منزلن تائين پهچڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنڌ هلڻو پيو.
ٽرانسپورٽرن حب ريور روڊ، شير شاهه ۽ ٻين علائقن ۾ بسون روڊن تان هٽائي اڏن تي بيهاري ڇڏيون آهن.
ٽرانسپورٽ اتحاد جو چوڻ آهي ته هڙتال ڳرن چالانن، اي چالان سسٽم، سبسڊي نه ملڻ، فائلن جي گم ٿيڻ، ڀتو خوري، ڀاڙا نه وڌائڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف ڪئي وئي آهي.
ٽرانسپورٽ اتحاد ۽ بس اونرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ پوليس سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن، ان ڪري احتجاج اڻڄاتل مدي تائين جاري رهندو.