تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي انتهائي ساڄي ڌر جي قومي سلامتي واري وزير بن گوير چيو آهي ته اسان کي سڄي لبنان ساڙي ڇڏڻ گهرجي.
لبنان ۾ حزب الله ۽ اسرائيلي فوجين وچ ۾ چڪرين دوران هڪ آفيسر سميت 4 اسرائيلي فوجين جي مارجڻ کانپوءِ اسرائيلي وزير جو چڙ ڏياريندڙ بيان سامهون آيو آهي.
بن گوير چيو ته اسرائيل کي دنيا تي واضح ڪرڻ گهرجي ته ان جي شهرين جي رت جو پلاند ورتو ويندو، سمورو لبنان ساڙڻ گهرجي ۽ هر اسرائيلي ماءُ جي ڳوڙهن جي بدلي هزارين لبناني مائرن کي روئڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ سخت ۽ فيصلائتي ڪارروائي جي ضرورت آهي، هاڻي سخت ترين قدم کڻڻ گهرجن.