ڪراچي(ويب ڊيسڪ) يونيورسٽين جي درجا بندي ڪندڙ مشهور عالمي اداري ڪيو ايس دنيا جي يونيورسٽين جي 2027 جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
ڪيو ايس عالمي درجا بندي۾ پاڪستان جي 18 يونيورسٽين کي دنيا جي 1504 اعليٰ ادارن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن سال به پاڪستان جي ڪا به يونيورسٽي دنيا جي 350 بهترين يونيورسٽين ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهي ۽ ٻه وفاقي يونيورسٽيون، قائدِ اعظم يونيورسٽي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) پنهنجي گذريل سال واري رينڪنگ به برقرار نه رکي سگهيون.
قائدِ اعظم يونيورسٽي گذريل سال 354 هين نمبر تي هئي، جيڪا هاڻي 381 نمبر تي اچي وئي آهي، نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) 371 هين کان 384 هين نمبر تي اچي وئي آهي، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز 721 تان 560 تي اچي وئي، جڏهن ته پنجاب يونيورسٽي 542 هين نمبر تان 588 هين نمبر تي اچي وئي آهي.
يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز(لمس) 55 هين کان 608 هين نمبر تي، يونيورسٽي آف ايگريڪلچر فيصل آباد 654 هين نمبر کان 629 هين نمبر تي ۽ ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد 664 هين کان 639 هين نمبر تي اچي وئي آهي.
ان کانسواءِ گورنمينٽ ڪالج يونيورسٽي فيصل آباد 691 هين، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز 721 هين، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي لاهور 791 هين، آغا خان يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف پشاور 951 هين، بهاءُ الدين زڪريا يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف لاهور 1001 هين، رفاه انٽرنيشنل يونيورسٽي، يونيورسٽي آف ڪراچي ۽ يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي اينڊ مئنيجمينٽ لاهور 1201 هين، جڏهن ته انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد ۽ اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور 1401 هين نمبر تي رهيون.
سنڌ مان رڳو ڪراچي يونيورسٽي دنيا جي 1500 يونيورسٽين ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهي، جڏهن ته بلوچستان جي ڪا به يونيورسٽي ان فهرست ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهي.
دنيا جي 10 بهترين يونيورسٽين ۾ ميساچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (آمريڪا) پهرئين نمبر تي، امپيريل ڪاليج لنڊن (برطانيا) ۽ اسٽينفورڊ يونيورسٽي (آمريڪا) گڏيل طور تي ٻئي نمبر تي رهيون، جڏهن ته ٽيون نمبر ڪنهن کي به نه ڏنو ويو.
ان کانسواءِ يونيورسٽي آف آڪسفورڊ (برطانيا) چوٿين، هارورڊ يونيورسٽي (آمريڪا) پنجين، ڪيمبرج يونيورسٽي (برطانيا) ڇهين، ڪئليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (آمريڪا) ستين، اي ٽي ايڇ زيورچ اٺين نمبر تي رهيون.
نائون نمبر ڪنهن کي به نه ڏنو ويو، جڏهن ته يو سي ايل لنڊن اٺين ۽ نيشنل يونيورسٽي آف سنگاپور ڏهين نمبر تي رهي.