چٽاگرام (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا بنگلاديش کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ 7 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
آسٽريليا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنسون ٺاهيون.
آسٽريلوي بيٽر ميٽ رينشا 52 بالن تي 89 رنسن جي ناٽ آئوٽ شڪست اننگز کيڏي، جنهن ۾ 5 چوڪا ۽ 5 ڇڪا شامل هئا، جڏهن ته ٽم ڊيوڊ 45 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
بنگلاديش طرفان نسيم احمد 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
آسٽريليا جي 197 رنسن جي هدف جي جواب ۾بنگلاديش جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهي سگهي، پرويز حسين ايمون 36، توحيد هيردوئي 35 ۽ سيف حسن 42 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا جي آرون هارڊي 2 وڪيٽون، ورتيون، ايڊم زمپا، نيٿن ايلس، ميٽ رينشا، جوئل ڊيوس جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.
ميٽ رينشا کي شاندار بيٽنگ ڪارڪردگي تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.