والاريل اولهندي ڪناري رياستي سرپرستيءَ ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، اڳوڻي اسرائيلي جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم ايهود اولمرٽ انڪشاف ڪيو آهي ته والاريل اولهندي ڪناري (ويسٽ بئنڪ) ۾ اسرائيلي حڪومت جي سرپرستي ۾ فلسطينين خلاف منظم ۽ رياستي سطح تي نسل ڪشي ۽ انسانيت خلاف ڏوهه جاري آهن.
ايهود اولمرٽ پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته والاريل اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين خلاف منظم تشدد، نسل ڪشي ۽ انسانيت خلاف ڏوهه جاري آهن، جن جي سرپرستي اسرائيلي حڪومت ڪري رهي آهي.
هن وزيراعظم نيتن ياهو، بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز ۽ ٻين وزيرن کي سڌو سنئون ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته فلسطيني علائقن ۾ حملا، باهه لڳائڻ، ملڪيتن جي تباهي ۽ مال متاع جي چوري روز جو معمول بڻجي چڪو آهي.
اولمرٽ موجب، هزارين يهودي آبادڪار يا قبضا گير حڪومتي مدد، تحفظ ۽ مالي سهڪار کان سواءِ اهڙا ڏوهه نٿا ڪري سگهن.
هن اسرائيلي پوليس، فوج ۽ اندروني انٽيليجنس اداري شن بيت تي به سخت تنقيد ڪندي لکيو آهي ته اهي يهودي انتهاپسندي ۽ يهودي دهشتگردي روڪڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعظم چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسرائيلي اختيارين صورتحال تي ضابطو نه آندو ته آمريڪا، يورپي ملڪ ۽ بين الاقوامي فوجداري عدالت ملوث ماڻهن ۽ ادارن خلاف ڪارروائي ڪري سگهن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي پاليسين تي تنقيد کي هر ڀيري يهود دشمني قرار ڏيڻ درست ناهي ۽ اسرائيلي سماج کي پنهنجي اندر موجود انتهاپسند عنصرن جو مقابلو ڪرڻو پوندو.

 

You might also like