ڏيئي (پ ر) سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، 28 هين ترميم، ڪاروڪاري، مهانگائي ۽ منشيات خلاف عوامي تحريڪ يونٽ ڏيئي طرفان حسيني چوڪ کان ريلي ڪڍي شهيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جتي اڳواڻن مهراڻ درس، مرتضا شيدي، سرمد کوسو، جي ايم جمالي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ هن وقت خريف جي پوکيءَ جو ٽائيم آهي، ان وقت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، اهو سنڌو درياءَ جي مالڪ قوم سان سراسر ظلم ۽ ڏاڍ آهي. سنڌ ۾ هن وقت ڏڪار جهڙي حالت آهي پر پنجاب جا ٻوڏن وارا ڪئنال وهي رهيا آهن، ڊيم ڀريا پيا وڃن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پنجاب جا ٻوڏن وارا ٽي پي ۽ سي جي لنڪ ڪئنال فوري طور بند ڪري، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.