”ٻوري بند لاشن جا تحفا ڏيندڙن کي ڪراچي واسي سڃاڻن ٿا“ شرجيل ميمڻ جو خالد مقبول صديقيءَ جي بيان تي ردعمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنيئير صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ملڪ جو معاشي حب ۽ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي، ڪنهن به هڪ سياسي جماعت جي جاگير ناهي.
هن ايم ڪيو ايم جي سياست تي تنقيد ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياست شروع ٿيڻ کان اڳ ڪراچي ۾ دهشتگردي جو ڪو به وجود نه هو ۽ شهر امن جو آکيرو هو.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي عوام کي چڱي ريت ڄاڻ آهي ته ڪهڙي سياسي قوت شهر کي ٻوري بند لاشن جا تحفا ڏنا ۽ ڪهڙي قوت ان کي امن ڏنو.
هن چيو ته شهر جا مسئلا سياسي نعريبازين سان حل نه ٿيندا، ان لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي.
شرجيل ميمڻ دعويٰ ڪئي ته هن وقت پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ئي ڪراچي جي اڏاوت ۽ ترقي لاءِ ميدان ۾ موجود آهي.
هن چيو ته اڄ ڪراچي ۾ جيڪا به هاڪاري تبديلي نظر اچي رهي آهي، اها پيپلز پارٽي جي ڪوششن جو نتيجو آهي، جنهن تحت پبلڪ ٽرانسپورٽ، روڊن ۽ انفراسٽرڪچر تي اربين رپين جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.