ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سنڌ جي اڳوڻي گورنر معين الدين حيدر ايم ڪيو ايم جي تحت ڪراچي ڊائلاگ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ مسئلن جو وڏو انبار موجود آهي ۽ هن شهر جا ماڻهو سخت پريشان ۽ مشڪلاتن جو شڪار آهن.هن چيو ته ڪوٽا سسٽم ۽ ٻين ناانصافين جي ڪري ايم ڪيو ايم وجود ۾ آئي. هن وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم سبب وفاق ڪمزور ٿيو آهي ۽ صوبا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، جڏهن ته دفاعي ۽ ٻيا خرچ صوبن لاءِ وڏو مالي بار بڻجي ويا آهن، جيڪي کڻڻ لاءِ صوبا تيار ناهن.اڳوڻي گورنر موجب ملڪ ۾ نون صوبن يا انتظامي يونٽن جو قيام ضروري آهي، ڇو ته پنجاب ايترو وڏو آهي جو ان جي گورننس ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ بنيادي ۽ مقامي حڪومتن (لوڪل گورنمينٽ) کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي۔