اسلام آباد (بيورو)وفاقي حڪومت نئين مالي سال 2026-27ع لاءِ دفاعي بجيٽ جي مد ۾ 3 هزار ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. هي دفاعي بجيٽ هلندڙ مالي سال جي نظرثاني ٿيل 2 هزار 595 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 18 سيڪڙو وڌيڪ آهي.بجيٽ دستاويزن موجب دفاعي خرچن جو اندازو 3 هزار ارب رپيا لڳايو ويو آهي، جيڪو هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 450 ارب رپيا وڌيڪ آهي. علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ دفاعي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نئين مالي سال لاءِ دفاعي بجيٽ ۾ 18 سيڪڙو واڌ ڪندي ان کي 3 هزار ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪا مجموعي وفاقي بجيٽ جو لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو بڻجي ٿي.نئين مالي سال جي دفاعي بجيٽ ۾ پاڪ فوج لاءِ 1 هزار 284 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پاڪ فضائيه لاءِ 573 ارب رپيا ۽ پاڪ بحريه لاءِ 293 ارب رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ان جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال ۾ پاڪ فوج لاءِ 1 هزار 184 ارب رپيا، پاڪ فضائيه لاءِ 520 ارب رپيا ۽ پاڪ بحريه لاءِ 273 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا.انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال دوران دفاعي بجيٽ 2 هزار 550 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن کي نظرثاني بعد وڌائي 2 هزار 595 ارب رپيا ڪيو ويو.نئين مالي سال ۾ فوجي پينشن جي مد ۾ 822 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ فوجي پينشن لاءِ 742 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا.هلندڙ مالي سال دوران دفاعي بجيٽ ۾ انتظامي خرچن لاءِ 7 ارب 95 ڪروڙ رپيا رکيا ويا هئا، جيڪي نظرثاني کان پوءِ وڌي 11 ارب 74 ڪروڙ رپيا ٿي ويا. نئين مالي سال لاءِ انتظامي خرچن جي مد ۾ 10 ارب 90 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.نئين مالي سال جي دفاعي بجيٽ ۾ ملازمن سان لاڳاپيل خرچن لاءِ 967 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ انهن خرچن لاءِ 846 ارب رپيا رکيا ويا هئا، جيڪي نظرثاني بعد 851 ارب رپيا ٿي ويا.ساڳئي ريت، نئين مالي سال ۾ آپريشنل خرچن لاءِ 743 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ اهي خرچ 704 ارب رپيا هئا، جيڪي نظرثاني بعد 721 ارب رپيا ٿي ويا.محمد اورنگزيب چيو ته بجيٽ 2026-27ع ۾ دفاعي بجيٽ ۾ واڌ جو فيصلو ملڪ جي سيڪيورٽي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ٻن صوبن ۾ امن امان جي خراب صورتحال سبب دفاعي بجيٽ وڌائي وئي آهي.محمد اورنگزيب چيو ته جن شعبن ۾ ڪرپشن ۽ مالي ليڪيجز موجود آهن، انهن کي درست ڪرڻ ضروري آهي. ملڪ جي معيشت جي بهتري لاءِ ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر ماڻهن کي به لازمي طور ٽيڪس ڏيڻ گهرجي.