اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي سان ڪامياب ڳالهين دوران ايندڙ مالي سال جي بجيٽ کان اڳ اهم مالي مفاهمت تي اتفاق ٿي ويو. ذريعن موجب، وفاق کي ايندڙ مالي سال جي ٽيڪس هدف لاءِ واڌو رقم فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته قومي وسيلن جي ورڇ لاءِ اين ايف سي جي فارمولي ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي ويندي، جنهن تحت وفاق موجوده مالي سال جي ٽيڪس هدف جي بنياد تي ايندڙ مالي سال صوبن کي حصو ڏيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده مالي سال جي ڀيٽ ۾ ايندڙ مالي سال جون واڌون اوڳاڙيون وفاق کي ڏنيون وينديون، جڏهن ته صوبا گرانٽن جي مد ۾ وفاق کي اضافي وسيلا فراهم ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده مالي سال جو ٽيڪس هدف 13005 ارب رپيا ۽ ايندڙ مالي سال جو ٽيڪس هدف 15264 ارب رپيا هوندو، يعني ٽيڪس هدف ۾ 2259 ارب رپين جو وڌارو ڪيو ويندو. ذريعن موجب، صوبا وفاق کي 1200 ارب رپين کان وڌيڪ رقم گرانٽن جي مد ۾ فراهم ڪندا، جنهن کانپوءِ وفاق ايندڙ ڪجهه سالن دوران اها رقم صوبن کي واپس ڪندو. وفاق کي ايندڙ مالي سال دوران پنجاب کان 620 ارب رپيا، سنڌ کان 310 ارب رپيا، خيبرپختونخوا کان 180 ارب رپيا ۽ بلوچستان کان 85 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ملڻ جو امڪان آهي.