ڪراچي سيف سٽي منصوبي تحت 40 هزار گاڏيون بليڪ لسٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ پوليس سيف سٽي منصوبي تحت ڪارروائي ڪندي ڪراچي ۾ 40 هزار گاڏين کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اهڙين گاڏين خلاف پهرين جولاءِ کان ڪارروائي شروع ڪئي  ويندي، سنڌ پوليس موجب بليڪ لسٽ ڪيل گاڏين ۾ اهي گاڏيون شامل آهن جيڪي وڪرو ٿيڻ باوجود اڃا تائين نون مالڪن جي نالن تي منتقل نه ڪيون ويون آهن، اختيارين جو چوڻ آهي ته جن گاڏين جي مالڪن جو رڪارڊ نامڪمل آهي يا جن مالڪن سرڪاري رهتون ادا نه ڪيون آهن، انهن گاڏين کي پڻ بليڪ لسٽ ڪيو ويو، بليڪ لسٽ گاڏين جي فهرست مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ اهڙين گاڏين کي ضبط به ڪري سگهجي ٿوجڏهن ته مالڪن تي ڏنڊ پڻ لاڳو ٿي سگهن ٿا، سنڌ پوليس شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو فوري طور پوليس پورٽل تي وڃي پنهنجي گاڏي بابت معلومات چيڪ ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.