اسلام آباد/لاهور(بيورو/ع آ نيوز) گلگت بلتستان جي چونڊ نتيجن تي مختلف سياسي پارٽي خدشن جو اظهار ڪندي ڌانڌلين جو الزام هنيو آهي. پي ٽي آءِ 8 سيٽن تي مڪمل ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي آهي. جي يو آءِ (ف) گلگت بلتستان چونڊن جي نتيجن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. گلگت بلتستان چونڊن جي نتيجن تي جي يو آءِ اڳواڻ عبدالغفور حيدري چيو آهي ته فارم 45 بابت خدشا چونڊن جي شفافيت تي سواليه نشان آهن. هن چيو ته جي يو آءِ اميدوار جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هوڏانهن سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته گلگت بلتستان جي چونڊ نتيجن تي ڌانڌليون ڪيون ويون. چونڊون شفاف نه هيون. صحافين سان ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته نتيجن ۾ دير ۽ مخصوص نتيجن جي اشاعت چونڊ عمل تي سوال اٿاري ٿي، گلگت بلتستان ۾ بليڪ آئوٽ حقيقتن کي لڪائڻ جي ڪوشش آهي، پي ٽي آءِ اميدوارن کي برابر چونڊ موقعا فراهم نه ڪيا ويا. گلگت بلتستان ۾ محرومين ۽ وسيلن تي قبضي جي ڪوشش وڌي رهي آهي، چونڊيل حڪومت کي ڪيرائڻ ۽ وفاداريون تبديل ڪرڻ جي روايت جاري آهي. جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ جمهوريت لاءِ شرمناڪ راند کيڏي آهي.هن چيو ته مخالف ڌر جون پارٽيون گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ گڏيل حڪمت عملي ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿيون.پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) گلگت بلتستان جي چونڊن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڌانڌلي خلاف احتجاج ۽ وائيٽ پيپر جو اعلان ڪيو آهي.چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان ان کي جعلي ۽ ڌانڌلي واري اليڪشن سڏيون ٿا، ۽ حلف برداري واري ڏينهن تي گلگت بلتستان ۾ ڪارو ڏينهن ملهائينداسين. بئريسٽر گوهر چيو ته هاڻي تائين اسان وٽ 3 تڪن جا فارم 47 آهن، اسان 8 سيٽن تي 100 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪري رهيا هئاسين جنهن لاءِ اسان کي فارم 47 ملڻ گهرجي ها.