حيدرآباد ۾ رشوت جي وڊيو اچڻ بعد ٽريفڪ اهلڪار لاڪپ

حيدرآباد ( رپورٽر) اطلاع آھن ته ايس ايس پي حيدرآباد سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو جو نوٽيس ورتو، جنهن ۾ قاسم چوڪ تي مقرر هڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار کي مبينا طور تي هڪ ڪار سوار کان رقم وصول ڪندي ڏيکاريو ويو آهي۔ پوليس ترجمان موجب وڊيو سامهون اچڻ شرط ئي معاملي جي ابتدائي جاچ شروع ڪئي وئي، جنهن بعد ٽريفڪ پوليس ڪنسٽيبيل غلام حسين کي فوري طور تي معطل ڪندي لائن حاضر ڪيو ويو آهي. واقعي جي شفاف ۽ غير جانبدارانه انڪوائري پڻ شروع ڪئي وئي آهي۔ سوشل ميڊيا تي سندس گرفتاري جي تصوير پڻ شيئر ڪئي وئي آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.