ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ليگل يونائيٽڊ سوسائٽي( پِي ايل يو ايس) معذورن کي بااختيار بڻائڻ واري کاتي (ڊي اِي پي ڊي)۽ سنڌ پرسنز ود ڊس ايبلٽيز پروٽيڪشن اٿارٽي(ايس ڊي پي ڊي اي) جي سهڪار سان ”سنڌ ۾ امدادي ٽيڪنالاجي ۽ پهچ جوڳو انصاف“ جي عنوان هيٺ هڪ اهم ۽ تاريخي تقريب ٿي گذري.
ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايل تقريب جو مقصد سڄي صوبي ۾ معذورن لاءِ انصاف تائين برابر پهچ کي يقيني بڻائڻ ۽ معذور دوست (انڪلوسيو) عدالتن جي قيام کي هٿي ڏيڻ هو.
تقريب جو خاص مهمان وڏي وزير جو خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍو هو.
ان موقعي تي سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن محترمه روبينه بروهي، سنڌ جڊيشل اڪيڊمي جا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مسٽر نويد احمد سومرو، ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر سينٽرل مسٽر راشد شيخ ۽ سنڌ پوليس جو ڊي ايس پي مسٽر ذوالفقار شاهه پڻ موجود هئا، ڊي اِي پي ڊي ۽ ايس پي ڊي پي اَي جي نمائندگي محترمه رتنا ديوان ڪئي.
تقريب ۾ وڪيلن، سرڪاري کاتن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مقررين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن کي ساراهيو، جيڪو پاڻ به معذورن کي بااختيار بڻائڻ واري کاتي جو وزير آهي ۽ معذورن جي زندگين ۾ هاڪاري تبديلي لاءِ سرگرم آهي.
جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تقريب ۾ ڊي اِ پي ڊي ۽ ايس پي ڊي پي اَي جي خدمتن کي ساراهيو ويو
بيان موجب، 2018ع جي ايڪٽ جي منظوري کانپوءِ سنڌ ۾ معذورن لاءِ خدمتن جي بهتري، اين جي اوز سان سهڪار، ون ونڊو ڪيمپن جي انعقاد، 31 ضلعن ۾ امدادي سامان جي ورڇ ۽ مهارتن جي ترقي ۾ تيز رفتار پيش رفت ڏسڻ ۾ آئي آهي، جيڪا ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نمايان آهي.
هي قدم سنڌ ايمپاورمينٽ آف پرسنز ود ڊس ايبلٽيز ايڪٽ 2018 جي سيڪشن 18 ۽ 33، پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25 ۽ گڏيل قومن جي ڪنوينشن آن دي رائٽس آف پرسنز ود ڊس ايبلٽيز جي آرٽيڪل 9 ۽ 13 تحت کنيو ويو، جيڪي معذورن لاءِ پهچ، برابري ۽ انصاف تائين اثرائتي رسائي جي ضمانت ڏين ٿا.
جيتوڻيڪ سنڌ ۾ 2019ع کان معذورن لاءِ مخصوص عدالتون نوٽيفاءِ ٿيل آهن، پر ڪيترن ئي ضلعن ۾ جسماني پهچ، رابطي جون رنڊڪون، امدادي ٽيڪنالاجي جي کوٽ ۽ طريقيڪار جي سهولتن جي گهٽتائي جهڙا چئلينج اڃا به موجود آهن، جنهن سبب معذورن کي عدالتي ڪاررواين ۾ مڪمل ۽ اثرائتي شرڪت ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
انهن چئلينجن کي نظر ۾ رکندي، پِي ايل يو ايس سنڌ ايمپاورمينٽ آف پرسنز ود ڊس ايبلٽيز ايڪٽ 2018 تحت هڪ گڏيل ۽ پهچ جوڳو انصاف وارو نظام ٺاهڻ لاءِ سرگرم آهي.
پڌرائيءَ موجب، مسلسل وڪالت، آگاهي، صلاحيتن جي بهتري ۽ عملي قدمن ذريعي عدالتن کي معذورن جي ضرورتن مطابق بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
تقريب دوران معذورن کي قانوني عمل ۾ خودمختاري ۽ اثرائتي شرڪت لاءِ امدادي سامان پڻ ورهايو ويو، جنهن ۾ هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اَي آءِ ) سان ليس سمارٽ چشما، ويل چيئرز، اڇيون لٺيون ، ٽيبليٽس ۽ ٻڌڻ واريون ڊيوائس شامل هيون.
اِهو سامان پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ جي حوالي ڪيو ويو ته جيئن ان کي پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ ذريعي ضلعي عدالتن ۾ استعمال هيٺ آندو وڃي.
انهن ڊيوئاس سان رابطي، چرپر، ڄاڻ تائين پهچ ۽ عدالتي ڪارروائين ۾ شرڪت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي.
مقررين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پهچ فراهم ڪرڻ رڳو هڪ خيراتي عمل نه پر قانوني ذميواري ۽ بنيادي انساني حق آهي.
گڏوگڏ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته سرڪاري ادارن، عدليه، بار ايسوسيئيشنز، پراسيڪيوٽرن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي وچ ۾ مسلسل سهڪار ضروري آهي ته جيئن هر شهري کي برابري جي بنياد تي انصاف فراهم ٿي سگهي.
تقريب ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرز گڏيل عزم ورجايو ته هڪ اهڙو انصاف وارو نظام قائم ڪيو وڃي جتي معذوري جي باوجود هر فرد کي وقار، خودمختاري ۽ برابري سان قانوني سهولتون حاصل هجن.
Next Post
You might also like