اڄ پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ٿيندو يا نه؟ وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران-جنگ کانپوءِ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 15 ڏينهن بدران هاڻي هفتيوار بنيادن تي ڦيرڦار جو اعلان ڪيو ويندو آهي، ان سلسلي ۾ اڄ رات حڪومت طرفان قيمتن تي نظرثاني ڪئي ويندي.
ميڊيا رپورٽن موجب، پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته عالمي آئل مارڪيٽ ۾ تازي لاهن چاڙهن سبب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
حڪومت جي هفتيوار جائزي ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 3 کان 4 رپيا في ليٽر گهٽتائي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 34 کان 35 رپيا في ليٽر تائين وڏي واڌ ٿي سگهي ٿي.
گذريل هفتي پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 22 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي هئي.
هن وقت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه ترتيبوار 381.78 ۽ 380.78 رپيا في ليٽر آهن.
ناڻي واري وزارت وزيراعظم شهباز شريف سان مشاورت کانپوءِ پيٽروليم شين جي نين اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.