ميٽا پاران فيس بڪ ۽ انسٽاگرام لاءِ نئون”سيريز“ فيچر متعارف

ميٽا فيس بڪ ۽ انسٽاگرام لاءِ هڪ نئين فيچر سيريز تي تجربا شروع ڪري ڇڏيا آهن. هي نئون فيچر ريلز وڊيوز کي ٽي وي ڊرامي جي قسطن وانگر ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو، جنهن سان واهپيدار پنهنجي مواد کي وڌيڪ منظم نموني پيش ڪري سگهندا.

رپورٽ موجب ڪمپني تصديق ڪئي آهي ته هن وقت هي فيچر محدود واهپيدارن لاءِ آزمائشي بنيادن تي موجود آهي. هن فيچر ذريعي واهپيدار پنهنجي پروفائل ۾ هڪ مخصوص هب اندر هر ريل کي ڪنهن وڏي ڪهاڻي جي هڪ قسط طور شامل ڪري سگهندا. اهڙي قسم جو فيچر اڳ ئي ٽڪ ٽاڪ ۾ موجود آهي، جتي واهپيدار قسطن جي صورت ۾ مواد شيئر ڪندا آهن.

رپورٽ موجب هن فيچر مان اشارو ملي ٿو ته ميٽا واهپيدارن کي بنا مقصد اسڪرولنگ بدران وڌيڪ وقت تائين وڊيوز ڏسڻ لاءِ همٿائي رهي آهي. "سيريز” فيچر ذريعي مواد ٺاهيندڙ پنهنجي ريلز کي ڊرامي جي قسطن وانگر جاري ڪري سگهندا، جنهن سان ناظرين جي دلچسپي ۽ لاڳاپو وڌي سگهندو. ميٽا جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ هن فيچر ذريعي ڪمائي جا موقعا پڻ فراهم ٿي سگهن ٿا، جيتوڻيڪ هن وقت ان بابت وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.

ٽڪ ٽاڪ 2023ع ۾ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو هو، جنهن ذريعي واهپيدار پريميئم مواد پوسٽ ڪري سگهن ٿا ۽ انهن وڊيوز تائين پهچ فيس ادا ڪرڻ کان پوءِ ممڪن هوندي آهي. امڪان آهي ته ميٽا به مستقبل ۾ ساڳي حڪمت عملي اختيار ڪري. ڪمپني موجب، هيل تائين هن فيچر بابت واهپيدارن جو ردعمل مثبت رهيو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو مختلف موضوعن تي قسطن وار وڊيوز تيار ڪري رهيا آهن.

جڏهن ڪنهن واهپيدار کي ريلز ٽيب يا فيڊ ۾ اسڪرولنگ دوران ڪنهن سيريز جون قسطون نظر اينديون ته اتي پوري سيريز ڏسڻ جو آپشن پڻ موجود هوندو. ان کانسواءِ، واهپيدار سيريز کي بعد ۾ ڏسڻ لاءِ محفوظ به ڪري سگهندا.

هي فيچر اڃا محدود واهپيدارن لاءِ آيو آهي، اهو چوڻ مشڪل آهي ته سڀني لاءِ ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.