گوگل ميپس ۾واهپيدارن جي سهولت لاءِ هڪ نئون دلچسپ فيچر

جيڪڏهن توهان اسمارٽ فون ۾گوگل ميپس استعمال ڪندا آهيو ته ان جو نئون فيچر ضرور پسند ايندو. گوگل ميپس جي اسٽريٽ ويو سروس جي 15هين سالگرهه جي موقعي تي ڪمپني هڪ مشهور ۽ ڪارائتو فيچر هاڻي موبائل ڊوائيسز لاءِ به متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب ڪمپني ٻڌايو ته گذريل سالن جون اسٽريٽ ويو تصويرون هاڻي اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ايپس جو حصو بڻايون پيون وڃن. هي فيچر اڳ ۾ ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽرن ۽ ليپ ٽاپن ۾ موجود هو، پر هاڻي گهڻا ماڻهو اسمارٽ فون استعمال ڪن ٿا، تنهن ڪري گوگل ان کي موبائل ايپس ۾ به شامل ڪيو آهي.

پراڻيون اسٽريٽ ويو تصويرون ڏسڻ لاءِ واهپيدار کي اسٽريٽ ويو تصوير تي ڪلڪ ڪري ”سي موري ڊيٽس“ آپشن چونڊڻو پوندو. ان کان پوءِ هو ڏسي سگهندو ته سندس علائقو يا ٻيا هنڌ 10 سال يا ان کان به اڳ ڪيئن نظر ايندا هئا، البته اهو تصويرن جي دستيابي تي ٻڌل آهي. هي فيچر واهپيدارن لاءِ ڪافي دلچسپ ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ان ذريعي پنهنجي اوسي پاسي جي هنڌن کي پراڻي شڪل ۾ ڏسڻ جو منفرد تجربو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.