ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽارسلمان خان مبينا طور تي فلم ”ڪالا هرن: بيٽل فار ليگسي“ جي ٺاهيندڙن کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هي فلم ڪاري هرڻ واري ان مشهور ڪيس تي ٻڌل آهي، جنهن کي سلمان خان ڪيترن ئي سالن کان منهن ڏئي رهيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻ ملي آهي ته سلمان خان جي قانوني ٽيم فلم جي پروڊيوسرن ۽ هدايتڪار کي موڪليل نوٽيس ۾ فلم جي رليز روڪڻ ۽ سمورو تشهيري مواد هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. نوٽيس ۾ اهو به خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن انهن مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
رپورٽ موجب فلم جي پروڊيوسر اميت جاني سلمان خان جي قانوني نوٽيس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هن نوٽيس جو مقصد سلمان خان جي شهرت ۽ اثر رسوخ ذريعي فلم جي ٽيم تي دٻاءُ وجهڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي منصوبي تان هٿ کڻي وڃن. سندس چوڻ هو ته فلم جو سلمان خان سان سڌو سنئون ڪو واسطو ناهي، پر اها مقامي بشنوئي برادري جي ماحولياتي تحفظ لاءِ ڪيل جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.
سلمان خان پاران قانوني نوٽيس موڪلڻ کان پوءِ فلم جي رليز بابت غيريقيني صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ هاڻي ان جي نمائش مشڪلاتن کي منهن ڏئي سگهي ٿي.