وزيراعظم جو بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جو اعلان

سلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اپاءَ شامل ڪيا پيا وڃن.
وزيراعظم سان ميان منشا، عارف حبيب، عاطف باجوا، محمد علي ٽبه، مصدق ذوالقرنين، زياد بشير سميت ٻين صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وفد ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته اوهان پاڪستان جا سفير آهيو ۽ دنيا ۾ اسان جي سڃاڻپ آهيو، مشڪل معاشي حالتن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي ڪاروباري برادري جا ٿورائتا آهيون.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ خانگي شعبي جي مضبوط ڀائيواري معاشي ترقي جي ضمانت آهي، معيشت بابت پاليسي سازي ۾ ڪاروباري برادري سان صلاح مشورو اهميت رکندڙ آهي، برآمدات تي ٻڌل ترقي جي واٽ تي گامزن آهيون ۽ اها ئي اسان جي معاشي پاليسي جو محور آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته غير رسمي معيشت کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن، بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اپاءَ شامل ڪيا پيا وڃن.
وزيراعظم چيو ته ڪاروبار دوست پاليسين جي مدد سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿي ۽ ٻاهرين سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو، اهڙين صنعتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيا جن سان ملڪي پيداوار وڌي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.