هيروئن جا ڪردار هميشه ناهن رهندا، مان ان لاءِ تيار آهيان: ماهرا خان

دبئي (ويب ڊيسڪ) سپر اسٽارماهرا خان چيو آهي ته هوءَ زندگي جي موجوده مرحلي مان ڀرپور لطف اندوز ٿي رهي آهي ۽ کيس ان ڳالهه جي ڪا ڳڻتي ناهي ته هڪ وقت اهڙو به ايندو جڏهن کيس هيروئن جا ڪردار ملڻ بند ٿي ويندا.

دبئي ۾ ٿيل هڪ ادبي ۽ ثقافتي تقريب ۾اداڪارا ماهرا خان ڳالهائيندي چيو آگي ته کيس ڪاميابي ۽ ماڻهن جي محبت ٻئي تمام گهڻيون پسند آهن ۽ هوءَ پنهنجي مداحن سان لاڳاپي کي بيحد اهم سمجهي ٿي. سندس چوڻ هو ته ماڻهن جو پيار سٺو لڳندو آهي، پر هوءَ اهو به ڄاڻي ٿي ته شهرت ۽ ڪاميابي هميشه قائم ناهن رهنديون، تنهن ڪري سندس ڌيان هميشه پنهنجي ڪم تي هوندو آهي.

رپورٽ موجب اداڪارا چيو ته شهرت ۽ مقبوليت زندگي جون عارضي شيون آهن، جيڪي اڄ آهن ته سڀاڻي نه به هجن، تنهن ڪري هوءَ انهن کي زندگي جو اصل مقصد نٿي سمجهي. ماهرا خان اعتماد سان چيو ته هوءَ پنهنجي موجوده عمر ۽ زندگي جي هن مرحلي مان گهڻو لطف اندوز ٿي رهي آهي ۽ کيس ان ڳالهه جي فڪر ناهي ته هڪ وقت ايندو جڏهن کيس هيروئن جا ڪردار نه ملندا. هن هدايتڪارن ۽ پروڊيوسرن کي اپيل ڪئي ته کيس روايتي هيروئن وارن ڪردارن تائين محدود رکڻ بدران مختلف ۽ منفرد ڪردارن ۾ ڪاسٽ ڪيو وڃي ته جيئن هوءَ پنهنجي اداڪاري جا نوان رنگ به ڏسندڙن آڏو پيش ڪري سگهي. سوشل ميڊيا تي سندس هن بيان کي ساراهيو پيو وڃي، جتي مداح سندس خوداعتمادي، حقيقت پسندي ۽ فن سان وابستگي جي واکاڻ ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.