ڪراچي (ويب ڊيسڪ) او جي ڊي سي ايل سنڌ جي ضلعي سانگهڙ مان تيل ۽ گئس جو نئون ذخيرو دريافت ڪري ورتو.
او جي ڊي سي ايل جي ترجمان موجب، بوبي ڊيپ ون کوهه مان روزانو 2 هزار بيرل تيل حاصل ٿيو ۽ کوهه مان 1.1 ايم ايم سي ايف ڊي گئس جي پيداوار حاصل ٿي.
ترجمان موجب، نئين دريافت سان علائقي ۾ وڌيڪ ڳولا جا امڪان روشن ٿي ويا آهن، نئين دريافت سان ملڪي تيل ۽ گئس جي پيداوار ۽ ذخيرن ۾ واڌارو ٿيندو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته نئين دريافت سان ملڪي توانائي جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۽ درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽائڻ ۾ مدد ملندي، ان کان سواءِ ملڪي امپورٽ بل ۾ به ذڪر جوڳي گهٽتائي ٿيندي.