ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي آل رائونڊر مچل سينٽنر ڀارتي ليگ جي فرنچائز ممبئي انڊينز تي مڪمل ادائيگي نه ڪرڻ جو دعويٰ ڪري ڇڏي.
مچل سينٽنر دعويٰ ڪئي ته آءِ پي ايل ۾ شرڪت ڪرڻ تي ممبئي انڊينز طرفان کيس اڌ معاوضو ادا ڪيو ويو.
مچل سينٽنر ڪلهي جي انجري جو شڪار ٿي آءِ پي ايل مان ٻاهر ٿي ويو هو، ممبئي انڊينز مچل سينٽنر کي 2 ڪروڙ ڀارتي رپيا ادا نه ڪيا پر رڳو اڌ رقم ڏني، مچل سينٽنر هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو ته اڌ رقم جي ادائيگي تي کيس تمام گهڻو ڏک ٿيو.
مچل سينٽنر ڪُلهي جي انجري مان صحتياب ٿي انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ کان هڪ هفتو اڳ ٽيم ۾ شامل به ٿي ويو.
مچل سينٽنر جي جلد فٽ ٿي نيشنل ٽيم ۾ شامل ٿيڻ تي سوال ڪيو ويو ته مچل سينٽنر عدم ادائيگي جي ڳالهه ڪري ڇڏي.
مچل سينٽنر چيو ته هن آءِ پي ايل ۾ پهرين ميچ پنهنجي ٻئي ٻار جي پيدائش سبب مس ڪئي، واپس اچي دهلي خلاف کيڏيس ۽ انجري جو شڪار ٿي هڪ هفتي لاءِ ٻاهر ٿي ويس، مان ٻيهر واپس آيس ۽ پوءِ وري انجري جو شڪار ٿيس ۽ پوءِ مان گهر واپس هليو ويس.
مچل سينٽنر چيو ته ٻن هفتن دوران منهنجو ڪلهو ٻه ڀيرا انجري جو شڪار ٿيو، مون سمجهيو ته مان پنهنجي جسم تي بار وجهي رهيو آهيان.
مچل سينٽنر جو چوڻ هو ته مون کي لڳو ته مون کي فٽ ٿيڻ ۾ 8 هفتا لڳندا پر مان 4 هفتن ۾ فٽ ٿي ويس، هاڻ جلد فٽ ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا ۾ مون بابت واويلا ڪئي پئي وڃي.
واضح رهي ته مچل سينٽنر ممبئي انڊينز لاءِ 5 ميچون کيڏيون، مچل سينٽنر 27 اپريل تي باظابطا طور تي آءِ پي ايل مان ٻاهر ٿيو.
آءِ پي ايل قانونن موجب، ليگ دوران جيڪڏهن ڪو رانديگر زخمي ٿئي ٿو ته ان کي آڪشن وقت صحيح ٿيل رقم ملندي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، اڌ رقم جي ادائيگي جي حوالي سان ممبئي انڊينز في الحال ڪو به تبصرو ناهي ڪيو.