تل ابيب(ويب ڊيسڪ)بنيامين نيتن ياهو دعويٰ ڪئي آهي ته ايران تازي تڪرار دوران تمام وڏا نقصان ڀوڳي چڪو آهي ۽ ايران جو هاڻوڪو حڪومتي ڍانچو هاڻي پنهنجي اڳوڻي حالت ڏانهن موٽي نه سگهندو.
سماجي رابطن واري پليٽفارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ نيتن ياهو چيو ته ايران اڳ ئي تمام وڏو نقصان سهي چڪو آهي ۽ سندس چوڻ موجب ايران ۾ دهشتگردي تي ٻڌل هن حڪومتي سرشتي جا بنياد لڏي ويا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته هي حڪومت ٻيهر اڳ وانگر نه بڻجي سگهندي ۽ ان جو زوال اڻٽر آهي.
ٻئي پاسي، ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته تازن تڪرارن باوجود سندن بچاءَ ۽ فوجي سگهه ۾ وڌيڪ واڌ آئي آهي ۽ ملڪ ڪنهن به امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.