سشميتا سين گولڊ ڊگر نه، مان ڊائمنڊ ڊگر هئس: للت مودي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) آءِ پي ايل جي اڳوڻي چيئرمين للت مودي اداڪارا سشميتا کي ”گولڊ ڊگر“ سڏيندڙن کي غلط قرار ڏيندي چيو آهي ته سشميتا هڪ خودمختيار ۽ ڪامياب عورت آهي، جنهن جو منهنجي دولت سان ڪو به واسطو نه هو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب هڪ تازي انٽرويو دوران پنهنجي اڳوڻي لاڳاپي بابت ڳالهائيندي للت مودي چيو ته سشميتا سين نه رڳو مالي طور مضبوط هئي، پر ڪيترن ئي موقعن تي هوءَ پاڻ سمورا خرچ برداشت ڪندي هئي.

هن چيو ته ”مان ته هڪ طرح سان پاليل بواءِ فرينڊ هئس، مان ڪجهه به ادا نه ڪندو هئس، سڀ خرچ سشميتا سين پاڻ ڀريندي هئي.“

للت مودي چيو ته سشميتا سين پنهنجي محنت سان شهرت ۽ دولت حاصل ڪئي آهي، تنهن ڪري کيس ”گولڊ ڊگر“ چوڻ سراسر غلط آهي.

هن مزاحيه انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ”ڊائمنڊ ڊگر“ چوڻو آهي ته اهو مان هئس، جڏهن ته سشمِتا سين پاڻ هڪ هيرو آهي، هوءَ گولڊ ڊگر نه آهي.

هن انڪشاف ڪيو ته 2022ع ۾ پنهنجي لاڳاپي جو اعلان مون سشميتا جي سامهون ئي سوشل ميڊيا تي ڪيو هو. ان اعلان کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سخت بحث شروع ٿي ويو هو، پر مون کي پنهنجي ان فيصلي تي ڪو به پڇتاءُ ناهي.

رپورٽ موجب للت مودي سشميتا سين کي پنهنجي زندگيءَ جي هڪ خاص شخصيت قرار ڏيندي چيو ته هوءَ اڄ به منهنجي سٺي دوست آهي. هن سشميتا جي هڪ سنگل ماءُ طور پنهنجي ڌيئرن،ريني سين ۽ اليسا سين ، جي پرورش کي پڻ ساراهه جوڳو قرار ڏنو.

ياد رهي ته 2022ع ۾ للت مودي ۽ سشميتا سين جي لاڳاپن جون خبرون منظرِعام تي اچڻ کان پوءِ سشميتا سين به تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو هو ته ”مان سون کان به وڌيڪ قيمتي شين جي مالڪ آهيان ۽ هيرا پاڻ خريد ڪندي آهيان.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.